ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس متاثر ٽيون شهري فوت

ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس متاثر ٽيون شهري فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ هن سال ڪانگو وائرس سان متاثر ٽيون شهري فوت ٿي ويو آهي.ڪانگو ۾ مبتلا 28 سالن جو زبير، ڪراچي جي لانڌي علائقي جو رهواسي هو، ۽ جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ بيماري سبب فوت ٿي ويو.هن سال جون ۾ ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس سبب 2 فوتگيون ٿيون هيون، جڏهن ته جولاءِ ۾ هڪ 33 سالن جي شخص ۾ ڪانگو وائرس جي تشخيص ٿي هئي.هن سال ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو پهريون ڪيس 16 جون تي انڊس اسپتال ڪورنگي ۾ رپورٽ ٿيو هو. 42 سالن جو عبدالرؤف ضلعي ملير جو رهواسي هو. سندس ٽيسٽ رپورٽ 16 جون تي مثبت آئي ۽ هو 17 جون تي فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو