ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ملير ۾ مبينا مقابلي بعد برڪت نالي هڪ ڏوهاري مارجي ويو.ايس ايس پي ملير موجب، مارجي ويل جوابدار ٺٽي ۽ ملير ۾ وارداتن ۾ ملوث هو، جنهن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڦر ٿيل زيور هٿ ڪيا ويا آهن.پوليس موجب مارجي ويل جوابدار وٽان گذريل ڏينهن شاهه فيصل پل وٽ پوليس اهلڪار جي قبضي مان پستول هٿ ڪيو ويو هو.










