ڪراچي ۾ پاڻي جو  بحران، لکين رهواسي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا

ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران، لکين رهواسي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران تيز ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي علائقن جا لکن رهواسي ڦڙي ڦڙي پاڻي لاءِ تڙپڻ لڳا آهن.ايف بي ايريا، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ڊيفنس ڪلفٽن، لانڍي ۽ ڪورنگي سميت شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي کان محروم آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته پاڻي نه هجڻ ڪري نه صرف سخت ڏکيائين جو سامنا ڪرڻو پوي ٿو پر هر مهيني پاڻي خريد ڪرڻ تي وڏي رقم پڻ خرچ ٿي وڃي ٿي.وڌندڙ آباديءَ سان گڏ پاڻي جي ضرورتن ۽ دستيابي جا مسئلا وڌي ويا آهن. پاڻي جي کوٽ، لائن انفراسٽرڪچر جي خرابين ۽ پاڻي جي چوري سميت ٻين مسئلن جي ڪري شهر جي مختلف ضلعن جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي جي کوٽ معمول بڻجي وئي آهي.پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪندڙ شهري ٽينڪر مافيا جي رحم و ڪرم تي مھانگن اگھن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ڪراچي لاءِ پاڻي جو سڀ کان وڏو منصوبو ”ڪي فور“ ڪيترن ئي سالن کان رولڙي جو شڪار آهي، ۽ پاڻي جي کوٽ سبب شهر جي هڪ وڏي آبادي کي پاڻي کان محروم رهڻو پوي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو