ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سان ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ قتل، اقدام قتل، ڦر ۽ دهشتگردي ٽوڙ جا قم شامل ڪيا ويا آهن ڪيس سرڪار جي فرياد ۾ داخل ڪيو ويو ايف آئي آر مطابق مقتول اهلڪار جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپا هڻڻ ويا جتي جوابدارن مٿن فائرنگ ڪئي ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير دعويٰ ڪئي ته اهلڪار ڳجهو اطلاع ملڻ تي سهراب ڳوٺ انڊس پلازا ويجهو گرائونڊ تي پهتا جتي موٽر سائيڪل سوار اسڪواڊ جي ٻن جوانن کي اتي پهريان کان موجود دهشتگردن شهيد ڪري ڇڏيو فائرنگ سان پوليس اهلڪار رحمت الله ٿڏي تي شهيد ٿي ويو جڏهن ته پوليس اهلڪار عبدالحڪيم زخمي ٿيو پر زخمي اهلڪار اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو فائرنگ کان پوءِ جوابدار پوليس اهلڪارن جو سرڪاري اسلحو کڻي فرار ٿي ويا هئا موٽر سائيڪل اسڪواڊ ۾ شامل اهلڪارن وٽ بلٽ پروف جي جيڪٽ موجود هيون فائرنگ جي هنڌ تان نائين ايم ايم ۽ 30 بور جا خول مليا آهن پوليس مطابق اکين ڏٺن شاهدن کان واقعي بابت ڄاڻ گڏ ڪري مختلف پاسن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.










