ڪراچي ۾ موسم اڄ به گرم رهڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي ۾ موسم اڄ به گرم رهڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ موسم اڄ به گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. محڪمي موسميات موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جي موسم گرم، گهٽ واري (مرطوب) ۽ آسمان تي جزوي طور ڪڪر ڇانيل رهڻ جو امڪان آهي. محڪمي موسميات ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو. محڪمي موسميات موجب، صبح جي وقت هوا ۾ گهم (نمس) جو تناسب 66 سيڪڙو رهيو، شهر ۾ هن وقت ڏکڻ-مغرب کان 23 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جڏهن ته شهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن تيز هوائون هلڻ جو به امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو