ڪراچي ۾ عورت ۽ سندس ٻارڙي جو قاتل گرفتار، ساٿي فرار

ڪراچي ۾ عورت ۽ سندس ٻارڙي جو قاتل گرفتار، ساٿي فرار

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)پاڪستان نيوي جي ملازم جي بيواهه ۽ 2 ورهين جي پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار جو ننڍو ساٿي فرار ٿي ويو.گذريل مهيني ڪراچي جي علائقي قائد آباد جي علائقي گوشٿ اسٽريٽ ۾ پاڪستان نيوي جي ملازم جي بيوه کي نامعلوم هٿياربندن سندس 2 ورهين جي پٽ کي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻوڙي قتل ڪري ڇڏيو هو.شاهه لطيف پوليس جي جاچ آفيسر اصغر شيخ ڳجهي اطلاع تي قائد آباد ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار عبدالحفيظ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته جوابدار جو نوجوان ساٿي رفيع فرار ٿي ويو.قاتل عبدالحفيظ پنهنجي ساٿي رفيع سان گڏجي عورت ۽ سندس 2 ورهين جي پٽ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.شاهه لطيف پوليس جي جاچ آفيسر اصغر شيخ موجب عبدالحفيظ کي مقتول جي موبائل فون جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو.جوابدار رفيع مقتول جي گهر ۾ پئسا ڏسي لالچ ۾ اچي ويو، جوابدار بهانا ڪري گهر پهتو ۽ پوءِ گرفتار جوابدار کي به گهرايو.ٻنهي جوابدارن تيز رفتار اوزار سان عورت کي قتل ڪيو ۽ ٻارڙي کي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻوڙي ڇڏيو. واقعي کانپوءِ جوابدار گهر مان روڪ رقم، سونا ۽ موبائيل فون کڻي ويا، نوجوان جوابدار رفيع جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ٻئي جوابدار منشيات جا عادی پڻ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو