ڪراچي ۾ تيز هوائون هلڻ ۽ ڪٿي ڪٿي ڦڙڦڙ ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي ۾ تيز هوائون هلڻ ۽ ڪٿي ڪٿي ڦڙڦڙ ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گهميل (مرطوب) رهڻ ۽ تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جي موسم گهميل ۽ آسمان جزوي طور تي (ابرآلود) رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي ٻڌايو ته شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگريءَ تائين وڃي سگهي ٿو. موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ صبح ۽ رات جو ڪٿي ڪٿي ڦڙڦڙ (بوندا باندي) ٿي سگهي ٿي ۽ شهر ۾ تيز هوائون به هلنديون رهنديون. موسميات کاتي موجب، هن وقت هوا ۾ گهم جو تناسب 72 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سمنڊ جي هوا 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو