ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين آسمان صاف ۽ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، گذريل رات گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 21.3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 31 کان 33 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.شهر ۾ نمي جو تناسب 89 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڏکڻ اولهه کان وقفي وقفي سان تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي، جن جي رفتار 14 کان 35 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين هوندي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي کان شهر ۾ گرمي جو امڪان آهي.










