ڪراچي ۾ اڄ به هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهندو: کاتو

ڪراچي ۾ اڄ به هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهندو: کاتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز اڄ ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.چيف ميٽولوجسٽ موجب لو پريشر اولهه ۾ عمان طرف وڌي رهيو آهي جنهن سبب اڄ شهر ۾ هلڪي ۽ وچولي برسات پئجي سگهي ٿي.سردار سرفراز جو چوڻ هو ته سڀاڻي هلڪي برسات ۽ بوندا باندی جو امڪان آهي، جڏهن ته 4 کان 6 آگسٽ دوران سنڌ ۾ تيز مون سون هوائون به هلي سگهن ٿيون، انهن هوائن جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ به برسات جو امڪان آهي.ٻئي طرف اڄ صبح کان ئي ڪراچي جو آسمان ڪڪرن ۾ ڇانيل آهي ۽ اڄ صبح کان ئي شهر جي مختلف هنڌن تي هلڪي برسات پئي، جڏهن ته ڪراچي جي مختلف شهرن ۾ موسم خوشگوار ٿي وئي، جن ۾ کھارادر، ٽاور، لياري، صدر، ملير، شارع فيصل ۽ آس پاس جي علائقن ۾ برسات پئي. ايئرپورٽ

پهنجو تبصرو موڪليو