ڪراچي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب 12 مئي جي مقابلي ۾ 9 جولاءِ جي نوٽيفڪيشن ۾ اٽي جون سموريون قيمتون وڌايون ويون آهن جنهن کان پوءِ ريگولر اٽي جي قيمت هول سيل 110 روپين مان وڌي 122 روپيه في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ريگولر اٽو ريٽيل 113 روپين مان وڌي 126 روپيه في ڪلو ڪيو ويو، فائن اٽو هول سيل 118 روپين مان وڌي 132 روپيه في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب فائن اٽو ريٽيل 121 روپين مان وڌي 135 روپيه في ڪلو ڪيو ويو جڏهن ته چڪي جي اٽي جي ريٽيل قيمت 145 روپيه في ڪلو برقرار آهي. ڪمشنر ڪراچي چيو آهي ته سمورا دڪاندار سرڪاري قيمتون نمايان جڳهه تي لڳائين، سرڪاري قيمتن جي خلاف مهانگي اگهه تي اٽو وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو