ڪراچي: گهر ۾ گهڙي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي: گهر ۾ گهڙي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ابراهيم حيدري نئين آباديءَ ويجهو فائرنگ ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو.پوليس موجب، مقتول جي سڃاڻپ اقبال جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي؛ مقتول کي نامعلوم جوابدارن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري قتل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فرار ٿيڻ وقت گوليءَ جو خول به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. فائرنگ جي وقت مقتول جي گهر واري به گهر ۾ موجود هئي. پوليس موجب، اهو واقعو ذاتي دشمنيءَ جو لڳي ٿو، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو