ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ پنهنجي ٻارن کي قتل ڪندڙ ماءُ خلاف درخشاں پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس اڳوڻي مڙس غفران جي شڪايت تي قتل جي سيڪشن تحت داخل ڪيو ويو آهي.ٻارن جي پيءُ ٻڌايو ته 14 آگسٽ تي، منجهند 2:30 وڳي، منهنجي اڳوڻي زال مون کي فون ڪيو ۽ فون تي ٻڌايو ته هن کي خبر پئي آهي ته مون ڇا ڪيو آهي.اڳوڻي زال هڪ وڊيو ڪال تي واقعو ڏيکاريو، “منهنجا ٻار پنهنجي ماءُ سان گڏ رهڻ لاءِ ويا. ٻئي فوت ٿيل، هڪ ڀيڻ ۽ ڀاءُ، کي ڊفينس فيز 8 ۾ واقع قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.










