ڪراچي يونيورسٽي ۾ هندو شاگرد پنهنجو تهوار ملهائي سگهن ٿا:راهو

ڪراچي يونيورسٽي ۾ هندو شاگرد پنهنجو تهوار ملهائي سگهن ٿا:راهو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي يونيورسٽين واري صوبائي وزير اسماعيل راهو ڪراچي يونيورسٽي ۾مذهبي تنظيم پاران هندو شاگردن کي هولي ملهائڻ کان روڪڻ جي خبر جو نوٽس وٺي ڇڏيو. يونيورسٽين واري وزير اسماعيل راهو هندو شاگردن کي ڪراچي يونيورسٽي ۾ هولي ملهائڻ کان روڪڻ تي ڪراچي يونيورسٽي جي وائس چانسلر کي تحقيقات جو حڪم ڏيندي يونيورسٽي انتظاميا کي انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسماعيل راهو جو وڌيڪ پنهنجي بيان ۾ چوڻ هو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ هندو شاگرد پنهنجو تهوار ملهائي سگهن ٿا، انهن کي ڪوئي روڪي نٿو سگهي، اسان جو مذهب ۽ قانون سمورن مذهبن ۽ عقيدن جو احترام سيکاريندو آهي، ۽ کين پنهنجا تهوار ملهائڻ جي مڪمل آزادي ڏيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو