ڪراچي: هلندڙ سال ۾ 13 عورتن سميت 200 ڄڻن جا لاش ھٿ

ڪراچي: هلندڙ سال ۾ 13 عورتن سميت 200 ڄڻن جا لاش ھٿ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هلندڙ سال مختلف هنڌن تان 13 عورتن سميت 200 ڄڻن جا لاش مليا. ايڌي فائونڊيشن موجب اهي لاش روڊن، ندي نالن، خالي گهرن وغيره تان مليا انهن لاوارث لاشن جي سڃاڻپ سان گڏ فوت ٿيڻ جو سبب خبر نه پئجي سگهي آهي.ايڌي فائونڊيشن موجب جولاءِ مهيني جي چئن ڏينهن ۾ هينئر تائين 3 ڄڻن جا لاش مليا آهن. ايڌي اختيارين موجب فوت ٿي ويل سمورن عورتن ۽ مردن جي سڃاڻپ اڃان تائين نه ٿي سگهي آهي اها سمورا لاش لاوارث حالت ۾ مليا آهن.ايڌي اختيارين جي انگن اکرن موجب جنوري مهيني ۾ 31 مرد ۽ 2 عورتون، فيبروري ۾ 23 مرد ۽ هڪ عورت، مارچ ۾ 22 مرد ۽ 3 عورتون، اپريل ۾ 30 مرد، مئي ۾ 40 مرد ۽ جون مهيني ۾ 41 مرد ۽ 7 عورتن جا لاش لاوارث حالت ۾ مليا انهن ۾ ڪيترائي ماڻهو نشي جا عادي به ٻڌايا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو