ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ نگليريا فائولري جو شڪار مريض فوت ٿي ويو.هسپتال جي اختيارين موجب، 44 سالن جي شهريءَ ۾ نگليريا فائولري جي تشخيص ٿي هئي.اختيارين ٻڌايو آهي ته مريض کي نگليريا سبب شديد دماغي انفڪشن ٿيو هو.هسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته مريض جي حالت تشويشجوڳي هئي ۽ کيس انتهائي نگھداشت واري وارڊ (آءِ سي يو) ۾ وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو.










