ڪراچي سينٽرل جيل مان آزاد ٿيل لاڙڪاڻي واسي قتل

ڪراچي سينٽرل جيل مان آزاد ٿيل لاڙڪاڻي واسي قتل

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سينٽرل جيل مان آزاد ٿيل هڪ شخص کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. امير بخش پنهنجي پسند جي عورت سان شادي ڪئي هئي، جنهن جي ڪري ٻن قبيلن ۾ تڪرار پيدا ٿيو.پوليس موجب، سينٽرل جيل جي ويجهو هڪ شخص کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. مقتول سينٽرل جيل مان ٻاهر آيو هو ۽ ٿوري فاصلي تي ان جو پيڇو ڪري قتل ڪيو ويو. واقعي واري هنڌ تان هڪ شڪي کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.پوليس اختيارين موجب، مقتول امير بخش لاڙڪاڻي جو رهواسي هو. امير بخش پنهنجي پسند جي عورت سان شادي ڪئي هئي، جنهن جي ڪري ٻن قبيلن ۾ تڪرار پيدا ٿيو.مخالفن کي به امير بخش جي اڄ جيل مان آزاد ٿيڻ جي خبر هئي ۽ هو ان جو انتظار ڪري رهيا هئا. امير بخش غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ جيل ۾ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو