ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آچر تي ڪراچي جي وڏي علائقي ۾ گيس بندش جو شيڊول جاري ڪيو ويو.سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 31 ڪلوميٽر گئس پائيپ لائين سسٽم سان ڳنڍي ويندي جنهن سبب آچر جي صبح 5 وڳي کان سومر جي صبح 5 وڳي تائين مختلف علائقن ۾ گئس جي فراهمي بند ڪئي ويندي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرجاني ٽائون، نارٿ ڪراچي ۽ منگهو پير جي سمورن سيڪٽرن ۾ گئس بند ڪئي ويندي، قصبه ڪالوني، اورنگي ٽائون ۽ نارٿ ناظم آباد جا سمورا بلاڪ به متاثر ٿيندا.سوئي سدرن موجب ايف بي ايريا، گلبرگ، بفرزون، سائيٽ انڊسٽريل ايريا، بلديا ۽ ماڙي پور به متاثر ٿيندا، جڏهن ته گلشن مري، احسن آباد، سائيٽ سپر هاءِ وي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گئس جي فراهمي معطل رهندي.ياد رهي ته سوئي سدرن جي جاري ڪيل شيڊول سبب ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گئس جي فراهمي اڳ ۾ ئي خراب آهي.










