ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ صبح کان ئي بادل ڇانيل آهن ۽ مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات ٿي رهي آهي، جنهن سبب شهر ۾ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. رپورٽ موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح کان ئي برسات شروع ٿي وئي آهي، جنهن سان گذريل ڪيترن ئي هفتن کان جاري گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.ڪراچي جي گلستان جوهر، شارع فيصل، لياري، گلشن اقبال، نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، ناظم آباد، صدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي.ان کان علاوه ايم اي جناح روڊ تي ريڊيو پاڪستان، جامعه ڪلفٽن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سامونڊي هوائون هلي رهيون آهن، سامونڊي هوائن جي رفتار ۾ جيئن جيئن ڏينهن گذرندو تيئن وڌندو ويندو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ موجوده گرمي پد 30 ڊگري سينٽي گريڊ آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب 76 سيڪڙو آهي، جڏهن ته اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪري سگهجي ٿو.










