لاھور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي ايليمينيٽر ميچ ۾ لاهور قلندرز ڪراچي ڪنگز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي کي 191 رنسن جو هدف ڏنو ويو هو، جيڪو لاهور قلندرز 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.لاهور قلندرز جي عبدالله شفيق کي شاندار بيٽنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. هدف جي تعاقب ۾ فخر زمان 47 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪوسل پريرا 30 ۽ راجا پڪسا 23 رنسون ٺاهيون. ڪراچي ڪنگز پاران حسن علي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ سڀاڻي ايليمينيٽر ٽو ۾ آمهون سامهون ٿيندا. ان کان اڳ، ڪراچي ڪنگز لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرره اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنسون ٺاهيون. ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر 75 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 8 چوڪا ۽ 3 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته خوشدل شاهه 27 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. وارنر 52 بالن تي 75 رنسون ٺاهيون ۽ محمد نعيم جي بال تي زمان خان جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. ٽم سيفرٽ 8 بالن تي 16 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ، شاهين آفريدي جي بال تي آصف علي جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي پويلين واپس هليو ويو. جيمس ونس 4، سعد بيگ 11، عرفان خان 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته محمد نبي 16 رنسن جي اننگز کيڏي. عباس آفريدي 2، حسن علي صفر، خوشدل شاهه 27 مير حمزا 2 رنسون ٺاهيون. پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي ايليمينيٽر ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز لاهور قلندرز خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور قلندرز جي حارث رئوف 3 ۽ ڪپتان شاهين آفريدي 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته زمان خان، شڪيب الحسن ۽ محمد نعيم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.










