ڪراچي تي 17 ورهين جو قبضو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي: صديقي

ڪراچي تي 17 ورهين جو قبضو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي: صديقي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي تي 17 ورهين جو قبضو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي. پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي جي ماسٽر پلان کي ڪرپشن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، اسان عدالتن سان رابطو ڪري قانوني ڪارروائي ڪنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ جاگيرداراڻي جمهوريت آهي، آئين جو آرٽيڪل 239 نوان ضلعا ۽ صوبا ٺاهڻ جو چئي ٿو، آئين چئي ٿو ته مڪاني حڪومتون قائم ٿيڻ گهرجن.، عوام کي آئين موجب انهن جا حق ڏيو.سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم 18هين ترميم جي خاتمي نه پر ان تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿي، جيڪڏهن عدالتن مان به انصاف نه مليو ته روڊن تي اينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو