ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين شهر ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ موجوده گرمي پد 21 ڊگري سينٽي گريڊ آهي.موسميات کاتي چيو ته اڄ شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ اتر اوڀر کان 5 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جنهن ۾ نمي جو تناسب 89 سيڪڙو آهي.










