ڪراچي ايئرپورٽ تان 20 ملڪي ۽ بين الاقوامي اڏامون منسوخ

ڪراچي ايئرپورٽ تان 20 ملڪي ۽ بين الاقوامي اڏامون منسوخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان 20 ملڪي ۽ بين الاقوامي اڏامون منسوخ ۽ دير ٿي ويون آهن.ايئرپورٽ ذريعن موجب ڪراچي ايئرپورٽ تي 3 ان بائونڊ ۽ آئوٽ بائونڊنگ اڏامون دير جو شڪار آهن، اڄ صبح 4 وڳي مديني ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام به منسوخ ڪئي وئي.ايئرپورٽ ذريعن موجب پي آءِ اي جي ڪراچي کان صبح 8 وڳي فيصل آباد ۽ لاهور ويندڙ اڏامون به منسوخ ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب اڄ رات 12 وڳي ايئر بليو جون ڪراچي کان اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا، پي آءِ اي جون ملتان، رحيم يار خان ۽ ايئربيس جون اسلام آباد فلائيٽون منسوخ ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب ايئر سيل جي صبح 7 وڳي فلائيٽ به منسوخ ڪئي وئي.ذريعن موجب پي آءِ اي جون 2 اڏامون ڪراچي کان ڪوئيٽا لاءِ منجهند 1 وڳي ۽ منجهند 2 وڳي روانيون ڪيون ويون آهن.اهڙي طرح پي آءِ اي جي ڪراچي کان اسلام آباد جي شام 7 وڳي جي اڏام، رات 9 وڳي دبئي ويندڙ سيرين ايئر لائين ۽ شام 7 وڳي ڪراچي کان دبئي ويندڙ ايمريٽس ايئر لائن جي اڏام پڻ منسوخ ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب ٿائي ايئر جي رات 11 وڳي ڪراچي کان بئنڪاڪ جي اڏام به منسوخ ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف ايئر بليو جي ڪراچي کان لاهور جي اڏام منجهند 1 لڳي 15 منٽن تي، پي آءِ اي جي ڪراچي کان دبئي جي اڏام 3 لڳي 15 منٽن تي دير ڪئي وئي، جڏهن ته پي آءِ اي جي ڪراچي کان لاهور جي اڏام 7 لڳي 15 منٽن تي دير ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو