ڪراچي: اورنگي ٽائون ۾ ڪار تي فائرنگ، هڪ شخص فوت

ڪراچي: اورنگي ٽائون ۾ ڪار تي فائرنگ، هڪ شخص فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اورنگي ٽائون مومن آباد الياس مسجد ويجهو ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو. ريسڪيو ذريعن موجب، فوت ٿيل شخص کي عباسي هسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ 27 سالن جي محمد حذيفه صديقي جي نالي سان ٿي آهي. پوليس ٻڌايو ته مقتول آلٽو ڪار ۾ گهر اچي بيٺو ته اڳيئي موجود نامعلوم جوابدارن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، مقتول کي گهر کان ٻاهر ئي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. مقتول تي ان کان اڳ به حملو ٿيو هو جنهن ۾ هو زخمي ٿيو هو.پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته مقتول ٽريول ايجنسي جو ڪم ڪندو هو، ظاهر طور تي قتل جو معاملو ذاتي دشمنيءَ جو نتيجو معلوم ٿئي ٿو، واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري واقعي جي سمورن رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو