ڪراچي: 8 سالن جو ٻار کوهه ۾ ڪري جان وڃائي ويٺو

ڪراچي: 8 سالن جو ٻار کوهه ۾ ڪري جان وڃائي ويٺو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گارڊن گهاس منڊي ۾ 8 سالن جو ٻار کوهه ۾ ڪري جان وڃائي ويٺو. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون، ڏيڍ ڪلاڪ جي جاکوڙ کانپوءِ ٻار کي کوهه مان ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن ٻار جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ جاويد نبي کوسو جو چوڻ هو ته گهٽي ۾ موجود کليل کوهه پهرين ڌوٻيءَ جي استعمال هيٺ هو جيڪو هاڻي خشڪ هو، حادثي ۾ هڪ ٻار کي بچايو ويو جڏهن ته ٻيو ٻار خالد کوهه ۾ ڪري پيو. ريسڪيو اختيارين موجب، کوهه گهرو هجڻ ڪري آپريشن ۾ ڏکيائيءَ جو سامنا ڪرڻو پيو. علائقي واسين جو چوڻ هو ته ٽي ٻار مدرسي تان واپس گهر وڃي رهيا هئا ته اهو حادثو پيش آيو. فوت ٿيل ٻار خالد پهرين ڪلاس جو شاگرد ۽ ٽنهي ڀينرن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو هو. هن دل ڏاريندڙ واقعي کانپوءِ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت کوهه جي چئني طرفن کان رڪاوٽون لڳائي کليل کوهه کي بند ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو