ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪامن ويلٿ بيچ هينڊ بال چيمپيئن شپ جي ڊرا جو اعلان ڪيو ويو آهي. چيمپيئن شپ 18 کان 22 سيپٽمبر تائين مالديپ ۾ منعقد ٿيندي. ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ميچ 18 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم 19 سيپٽمبر تي سريلنڪا ۽ مالديپ سان مقابلو ڪندي. 20 سيپٽمبر تي پاڪستان پهرين ڏکڻ آفريڪا ۽ پوءِ بنگلاديش سان مقابلو ڪندو. ايونٽ جا سيمي فائنل 21 سيپٽمبر ۽ فائنل 22 سيپٽمبر تي کيڏيا ويندا.










