محرابپور(ن س)سچل ڪميونٽي ڊولپمينٽ تعلقي محرابپور جي زير اھتمام محرابپور جي عظيم، نرالي مزاحمتي ڪردار ڪامريڊ مجاھد بدر الدين سومرو جي ٻين ورسي تقريب پبلڪ لائبريري محرابپور ۾ ملھائي وئي، تقريب جي ميزباني جا فرائض استاد اڪبر خواجا ادا ڪيا ان موقعي تي محرابپور جي ادبي ۽ سماجي اڳواڻ شرافت ناز، ڊي اي او تعليم خيرپور سائين عبدالسميع ڀنڀرو، نوجوان سماجي اڳواڻ يونس ڀٽي، سنڌ ھاري ڪاميٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ولايت نوناري، پي ٽي آئي اڳواڻ ڪامريڊ مجاھد سامٽيو ۽ ٻين خطاب ڪندي ڪامريڊ جي سياسي، سماجي ۽ مزاحمتي ڪردار تي روشني وجهي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي، پروگرام ۾ سينئر صحافي شبير شاڪر انبالوي، اطھر جوکيو، خالد گهانگهرو ،دودل خان نوحپوٽو، مختيار موجاڻي ،دريا خان سومراھ، جاويد سومراھ، افضل نانگور ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي…!!!!










