ڪراچي ( نمائندن وٽان ) ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارونجهر جي کٽائي خلاف جسقم ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران ڌار ڌار پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جسقم جي والي ڏنو سنڌي، قومي عوامي تحريڪ جي سجاد بروهي، فدا مھمداڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مٿن اڳوڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارونجهر جي کٽائي سنڌ سان ناانصافي آهي جنهن خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، ھنن چيو ته زرداري پوري سنڌ کپائي ڇڏي آهي ھاڻي ڪارونجهر جي ڪڍ لڳي پيو آهي جنهن جي مذمت ڪندي علي حڪام کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪارونجهر جي کٽائي وارو ڪم بند ڪرايو وڃي نه ته احتجاجن پنجاب ڌنگ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو ڪارونجھر جي نيلامي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويا. ڪارڪنن ڪارونجھر جي نيلامي بند ڪيو، وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪيو ۽ ٻي نعريبازي ڪئي. ڪراچي ۾ ملير پريس ڪلب اڳيان، منان شيخ، اشفاق چنڙ، فرحان لاڙڪ، ناھيد جوڳي، لياقت جھتيال ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. حيدرآباد ۾ سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر گلزار جماڻي، الطاف خاصخيلي، زينت سمون، نصرت خاصخيلي، آغا عباس پٺاڻ، غلام نبي سومرو جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. بدين جي شھر نندو ۾ حسين درس، سليم ملاح، محمد جمن شاھ، ڪوٽڙي ۾ مقصود جھتيال، امداد پنھور، شبير ساند، ذاڪر گرگيز، ڏھرڪي ۾ تراب شر، محبت سميجو، اختر سميجو، ڪڻڌڪوٽ ۾ عوامي ھائوس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان فدا مجمداڻي، شعيب ڊومڪي، سجاد بروھي، ھيبر ڏاھاڻي، شاھ علي سھرياڻي، ڪڙيو گھنور ۾ فراز شاھ، امام علي شاھ، ظھير احمد چانڊيو، گيانچند مھيشوري، ڄام صاحب ۾ ابراھيم بگٽي، مير محمد منگي، جروار شريف گبول، عابد سنڌي، توفيق احمد چنہ، ڳڙھي خيرو، ڪشمور، ٽنڊو باگو ۾ ڪارڪنن مظاھرا ڪيا. ڳڙھي حسن ۾ باھوکوسو جيڪب آباد مين روڊ تي اعجاز ڪنراڻي، رسول بخش کوسو، برڪت کوسو، ڊاڪٽر ظفر ڪنڊراڻي، اياز ڪنڊراڻي، عمران کوسو ۽ ٻين مظاھرو ڪيو، ميرپورخاص ۾ پريس ڪلب اڳيان شوڪت نوحاڻي، ڪامريڊ ڪرڙ رٻاري، عبدالمجيد ٻگهيو ، رسول بخش پنهور ، مقصود احمد ڀرڳڙي ، يقعوب اوٺو ، انور فوجي ، حادي بخش ڀرڳڙي ، گل حسن لغاري ، مشتاق ٻگهيو ۽ ٻين مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو. شھدادپور ۾ لطيف پارڪ کان پريس ڪلب تائين محمود رخشاڻي، حضور بخش ڏاھري، ڪرم خاصخيلي ، حسن کوسو ،محبوب کوسو ،غلام نبي کوسو ،رئوف باگراڻي ،سڪندر کوسو جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ڪي اين شاھ ۾ سومر چانڊيو، اختر مشوري، جاويد چانڊيو فھيم خاصغيلي زخمي چانڊيو فرحان چانڊيو مير چانڊيو سجڻ سنڌي صدام ڪلھوڙو فقير علي حسن جانوري حافظ عبدالعزيز کوھاري جي اڳواڻي ۾ بلوڇ پمپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. نصيرآباد ۾ ايڊووڪيٽ عنايت تونيو ضمير مغيري حفيظ تونيو رمضان شيخ جي اڳواڻي م ارٿر شاخ جي پل تي پريس ڪلبن اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ کان پريس ڪلب لاڙڪاڻي تائين ضلعي صدر سڪندر لاشاري جميل ميمڻ اسلم سومرو جميل لاڙ ڪامريڊ رضا امان الله ڀٽو سھيل ابڙو يوسف ڏيٿو وفا لاڙ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويوـ شڪارپور ۾ ھزاريدر کان گھنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. مورو، خيرپورميرس، گولاڙچي ۽ ٻين شھرن ۾ ڪارڪنن مظاھرا ڪيا. ان موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور آھي. پ پ حڪومت سنڌ جا ثقافتي ۽ تھذيبي ماڳ، زمينون، وسيلا وڪڻي رھي آھي. ڪرپشن لاءِ ڪارونجھر کي نيلام ڪيو پيو وڃي. سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو وسيلن کي تين وال ڪرڻ ۽ ڪارونجھر کي نيلام ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رھيا آھن ۽ رستن تي آھن. اڳواڻن چيو ته ڪارونجھر سنڌ جو تھذيبي، ثقافتي ورثو آھي. ڪارونجھر امر روپلي ڪولھي جي مزاحمت جو مرڪز آھي. سنڌ جو عوام آصف زرداري کي ڪارونجھر نيلام ڪرڻ نہ ڏيندو. اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ جي ماڻهن لاءِ روز نوان مسئلا، نوان خطرا، نوان عذاب پيدا ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ کي ٻڌائي تہ پندرهن سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ کي ڇو لٽي برباد ڪري، ڪراچي کان ڄامشورو تائين زمينون وڪڻي، ساحلي پٽي ۽ ٻيٽ کپائي ۽ ڪارونجھر نيلام ڪري رھي آھن. اڳوڻن چيو تہ زرداري ليگ جي سنڌ دشمن تاريخ مختلف واقعن سان ڀري پئي آھي. سنڌ کي ورھائڻ جي سازش، بحريا جي صورت ۾ کپائڻ، ڪرپشن، خراب حڪمراني، اقربا پروري، ميرٽ جي لتاڙ تائين تاريخ ڀري پئي آھي. تازو ھزارين سال قديمي ڪارونجھر کي زرداري ليگ نيلام ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آھي، جنھن مان کربين جي ڪرپشن ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آھي. ھنن مطالبو ڪيو تہ فوري طور ڪارونجھر جي نيلامي روڪي وڃي ۽ تھذيبي ورثي کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي محفوظ ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو تہ سنڌي ماڻھن کي ديوار سان ڇو لڳايو پيو وڃي، سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي جيڪا مسلسل پندرهن سالن کان وٺي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي. ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو ناهي، پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سدائين سنڌي ماڻهن جي پٺي ۾ خنجر ھنيا آھن. اڳواڻن چيو تہ ڪارونجھر جي نيلامي، ٻيٽن، زمينن ۽ ڳوٺن تي قبضا، اھي سڀ عمل صرف ڌاڙا ناھن، اھي سنڌين جي نسل ڪُشي جي گھڻ رُخي حڪمت عملي جا مختلف سوچيل سمجھيل رحليوار قدم آھن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪارونجھر سميت سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪرڻ بند ڪيو وڃي.
…………..عوامي تحريڪ ضلعي سجاول پاران مرڪزي سڏ تي ڪارونجهر جي ڪٽائي مهانگائي ۽ پارليامنٽ ۾ عوام دشمن پيش ڪيل بلن ۽ سجاول جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سجاول ۾ مامون لاڏي چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو جنھن کي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي اڳواڻن ساگر پرهياڙ، عزيز ميمڻ، نواز ڏيٿو، ايوب، مير ٽڳڙ، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مرتضيٰ پرهياڙ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي موجودہ حڪمرانن تباہ و برباد ڪري ڇڏيو آھي. ڪوهستان جون زمينون ڌارين کي وڪرو ڪيون ويون آھن ۽ هاڻ سنڌ جي تھذيب ڪارونجهر جو وڪرو ڪيو پيو وڃي، ڪينجهر تي ميريون نظرون وڌيون پيون وڃن. هنن وڌيڪ چيو تہ اسيمبلي ۾ عوام دشمن بلن جي سونامي آندي وئي آھي، پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل بل اڳواٽ ميمبرن کي پڙھڻ لاءِ بہ نٿا ڏنا وڃن ۽ نہ وري بحث لاءِ پيش ڪيا وڃن ٿا. پي ڊي ايم جي حُڪومت پارليامينٽ کي عوام دشمن بلن جي فيڪٽري بڻائي ڇڏيو آهي. بل پارليامينٽ جي ٻاهران طئي ٿي اچن ٿا جن کان پارليامينٽ ميمبر بہ اڻواقف ھجن ٿا. اسيمبلين ۾ ويٺل نام نھاد چونڊيل نمائندا پنھنجو اقتدار بچائڻ خاطر ۽ ايندڙ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ غير جمھوري طريقي سان بل پاس ڪري ملڪي سالميت کي بہ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آھي. پرڏيهي افغانستان ۽ ٻين ملڪن مان داخل ٿي ملڪ ۾ دهشتگردي ڪن ٿا، دهشگردي جي روڪٿام لاءِ ڪو بہ بل پاس نٿو ٿئي، اسيمبلي ۾ پرڏيهي دهشتگردن کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ لاءِ بحث ئي نٿو ٿئي. اسيمبلين مان عوام کان انساني حق ڦرڻ لاءِ بل پاس ڪيا پيا وڃن. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل 1973ع جي آئين جي ڀڃڪڙي آهي. ھنن چيو تہ مهانگائي غريب ماڻھن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي پر حڪمرانن کي ڪو احساس نہ آھي، هڪ طرف ماڻھن کي اٽو نٿو ملي تہ ٻئي طرف سجاول جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري غريب آبادگارن جي ساريال جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو آھي. هنن چيو وڏيرا پنھنجي زمينن کي سرڪاري ڊيزل تي موٽرن تي آباد ڪري رهيا آھن جڏهن تہ غريب هارين ۽ آبادگار جو فصل سڪي رهيو آھي. ريلي کي رزاق ٻائيتار مرتضيٰ زئور، خالد سمون، ڦلو پليجو، سلمان سمون ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.










