ڪارنهن الزام ۾ گوليون لڳڻ ڪري ڀاءُ هٿان ڀيڻ زخمي

ڪارنهن الزام ۾ گوليون لڳڻ ڪري ڀاءُ هٿان ڀيڻ زخمي

گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميرو خان عارباڻي ۾ جوابدار عبدالحڪيم پٽ عبدالحميد عارباڻي مبينا طور پنهنجي ڀيڻ  20 سالن جي ناري آسما کي ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. اطلاع تي پوليس پهچي زخمي ناري کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو. ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوابدار پنهنجي ڀيڻ کي ڳوٺ جي نواجوان پٺاڻ علي پٽ محمد پناهه عارباڻي سان مبينا ڪارنهن جو الزام هڻي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو