بخشاپور (سھيل جان ڊومڪي ) ڳوٺ جيوڻ گولو ۾ جوابدار غلام محي الدين گولو پنهنجي 26 ورهين جي نوجوان ڀيڻ مسمات انيلا گولو کي گهر اندر بندوق جا فائر ڪري ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. اطلاع تي حد جي پوليس پهچي مقتولا ناري جو لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد بخشاپور جي سرڪاري اسپتال آندو جڏهن ته سرڪاري اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري مقتولا ناري جو لاش ڪشمور منتقل ڪيو ويو. حد جي پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي جلد گرفتار ڪيو ويندو.










