اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا قومي نوجوان روزگار پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس موجب، وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ نئون قدم کنيو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايتن تي قومي نوجوان روزگار پاليسي جي جوڙجڪ مڪمل ڪئي وئي آهي.وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا قومي نوجوان روزگار پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ پاليسي بابت باضابطه اعلان اڄ ڪيو ويندو.وزيراعظم آفيس موجب، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام رانام شاهد احمد قومي روزگار پاليسي جي متن ۽ مواد تي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندو.










