اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪائنات اظهر خان کي چيف ٽريفڪ آفيسر اسلام آباد مقرر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب، ڪائنات اظهر خان وٽ ايس ايس پي آپريشنز (سيف سٽي) جو اضافي چارج پڻ هوندو. ٻئي طرف، ايس ايس پي محمد سرفراز ورڪ جون خدمتون پنجاب حوالي ڪيون ويون آهن.










