کنڊ مختلف شهرن ۾ 220 روپيه ڪلو  في ڪلو وڪرو  ٿيڻ لڳي

کنڊ مختلف شهرن ۾ 220 روپيه ڪلو في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 220 روپين تائين پهچي وئي آهي. شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب هڪ هفتي ۾ سرگودها ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 23 روپيه جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 5 روپين تائين اضافو ٿي ويو. جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ کنڊ جي وڌ کان وڌ في ڪلو قيمت 220 روپيه ٿي وئي. انگن اکرن موجب راولپنڊي، ڪراچي ۽ سرگودها ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت وڌي 200 روپين تائين پهچي وئي جڏهن ته حيدرآباد ۾ کنڊ جي وڌ کان وڌ في ڪلو قيمت 190 روپين مان وڌي 195 روپيه ٿي وئي آهي.شماريات کاتي موجب گذريل هڪ هفتي ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 12 پئسا جي گهٽتائي ٿي ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 188 روپيه 69 پئسن تي اچي وئي آهي.انگن اکرن موجب گذريل هفتي تائين ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 188 روپيه 81 پئسا هئي جڏهن ته هڪ سال اڳ ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 132 روپيه 47 پئسا هئي.ٻئي طرف مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ کنڊ جي قيمت ۾ رڪارڊ اضافو نظر اچي رهيو آهي. في ڪلو کنڊ 200 کان 220 روپيه ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو