ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ٽرانس جينڊر برادري ٻيو قومي کدڙا فيسٽيول ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر ساره گل سرمد رانا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو. ڊاڪٽر ساره گل چيو ته هن سال کدڙا فيسٽيول جو موضوع ٽرانس جينڊرز جي سڃاڻپ آهي. هن اعلان ڪيو ته هجڙا فيسٽيول 9 نومبر تي ڪراچي جي فريئر هال ۾ منعقد ڪيو ويندو ۽ هن سال هجڙا فيسٽيول شروع ٿيڻ کان اڳ هڪ ريلي پڻ منعقد ڪئي ويندي. هن چيو ته اسين به الله پاڪ جي مخلوق آهيون ۽ معاشري ۾ کدڙن سان بهتر سلوڪ ڪرڻ بابت سجاڳي پيدا ڪئي ويندي. ياد رهي ته کدڙن فقيرن ڪراچي ۾ 38 ڏينهن جاري رهندڙ عالمي ثقافتي ميلي جي پڄاڻي جي هڪ ڏينهن بعد هي اعلان ڪيو آهي.










