اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهبازشريفچيو آهي ته ڏينهن رات ليڪچررز ڏيندڙ انهن مسئلن جو ڪو حل ڪڍن جيڪي هن سيلاب جو سبب بڻيا غلطين مان سبق سکي اسان کي ٻيهر اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قانونن تي عملداري لاءِ هڪ ٿيڻ گهرجي. وفاق پاران ٻوڏ متاثرن ۾ 20 ارب رپيا ورهائجي چڪا آهن ايندڙ ٽن ڏينهن۾ وڌيڪ 8 ارب به ورهايا ويندا ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي نطر ۾ رکندي اسان صلاح مشوري کان پوءِ متاثرن لاءِ رکيل بجيٽ ۾ وڌيڪ 28 ارب شامل ڪندي 70 ارب رپين تائين وڌائي ڇڏيو آهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي وفاقي حڪومت هي رقم متاثرن تائين پهچائيندي ان حوالي سان ڪم شروع ٿي چڪو آهي ڪابينه کان به منظوري ورتي ويندي سوات جي علائقي ۾ ٿيل نقصان (مين ميڊ) آهي ڪاش ڏينهن رات ليڪچر ڏيندڙن ان تباهي جو حل ڪڍيو هجي هي سياست نه پر خدمت جو وقت آهي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان جون حقيقتون سڄي دنيا تائين پهچائڻ لاءِ عالمي ۽ مقامي ميڊيا ۽ وفاقي وزير مريم اورنگزين ۽ شيري رحمان جو خاص ڪردار آهي جنهن تي انهن جو شڪريو ادا ڪريون ٿا اڱاري تي وفاقي ڪابينه جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت متاثر گهراڻن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا انگ اکر ۽ اين ڊي ايم اي جي ذريعي 70 ارب رپيا ورهائي رهي آهي سنڌ صوبي لاءِ 15 ارب رپيا بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه لاءِ 10-10 ارب رپيا ۽ گلگت بلتستان لاءِ 3 ارب رپيا ان کان الڳ آهن وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب فوتين جي وارثن کي 10 لک رپيا في فوتي کي ڏنا پيا وڃن ان لاءِ اين ڊي ايم اي کي 5 ارب رپيا ڏنا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ 3 ارب رپيا ڏنا پيا وڃن وزيراعظم چيو ته ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان گذريل هڪ هفتي ۾ عالمي برادري کي آگاهي کان پوءِ هاڻي عالمي برادري پاران به امدادي سامان ملي رهيو آهي ان آگاهي ۾ مريم اورنگزيب ۽ شيري رحمان جو وڏو ڪردار آهي ان سان عالمي برادري کي متاثرن جي تڪليفن ۽ سختين کي سمجهڻ ۾ سولائي رهي گڏيل عرب امارات کان 50 ملين ڊالر جو امدادي سامان اچڻ شروع ٿي ويو آهي چين 400 ملين آر ايم بي اضافي امداد جواعلان ڪيو آهي ان کان سواءِ ترڪي، سعودي عرب، اردن سميت ٻين ملڪن مان امدادي سامان اچي رهيو آهي آمريڪا 31 ملين ڊالر جڏهن ته پرنس ڪريم آغا جي فرزند 10 ملين ڊالر ڪيش جو اعلان ڪيو آهي ٻيا ملڪ به پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن وزيراعظم چيو ته سعودي عرب هڪ پروگرام شروع ڪري رهيو آهي قطر جي قيادت تعاون جو يقين ڏياريو آهي عالمي امدادي ادرا به ايڪٽو آهي برطانيا پنهنجي امداد 15 ملين پائونڊ تائين وڌائي ڇڏي اهي ان تي پاڪستاني قوم انهن سڀني ملڪن ۽ ادارن جي شڪرگذار آهي وزيراعظم چيو ته ان کان پوءِ نئين سر تعمير جو مرحلو اچڻو آهي جنهن لاءِ صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي سٺي رٿابندي ڪنداسين سنڌ ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ سٺي ڪم جي ضرورت آهي وزيراعظم چيو ته ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر چيمبرز آف ڪامرس سميت مختلف ادارن طرفان رليف فنڊ ۾ امدادي چيڪ ڏناپيا وڃن ڊونر ڪانفرنس گهرائي پئي وڃي اين جي اوز به ڪم ڪري رهيا آهن وزيراعظم چيو ته عوام پاڻ به متاثرن لاءِ کائڻ پيئڻ جو سامان ۽ امدادي سامان کڻي وڃي رهيو آهي. اسان جيڪو ماحول چاهيون پيا اهو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته دنيا کي ٻوڏ جي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ تي عالمي ميڊيا جا ٿورائتا آهيون وزارتن کاتن لاڳاپيل ادارن ۽ ماڻهن ان وڏي چئلينج کي قبول ڪيو آهي ۽ گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن.










