حڪومت ڊي پورٽ ٿيل 53 هزار شهرين جا پاسپورٽ بلاڪ ڪري ڇڏيا

حڪومت ڊي پورٽ ٿيل 53 هزار شهرين جا پاسپورٽ بلاڪ ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي وزير داخلا محسن نقوي جي هدايت تي گهرو وزارت دنيا جي مختلف ملڪن مان ڏوهن ۾ ملوث هئڻ جي بنياد تي دي پورٽ ڪيل 53 هزار پاڪستانين جا پاسپورٽ بلڪ ڪري ڇڏيا آهن. انهن کي ٻيهر سفري دستاويز جاري ڪرڻ جو عمل انتهائي سخت ڪيو ويندو. هن قدم جو مقصد انهن پاڪستاني شهرين کي روڪڻ آهي، جيڪي غير قانوني ڪم جهڙوڪ پرڏيهه وڃي پنڻ ۽ جسم فروشي ڪن ٿا. تازو ئي ڪجهه مهينن ۾ سوين پاڪستانين کي پنڻ ۽ ٻين ڏوهن جي الزام ۾ مختلف ملڪن مان ملڪ بدر ڪيو ويو آهي، جن مان اڪثريت کي خليجي ملڪن مان واپس اماڻيو ويو آهي. وفاقي وزير هدايت ڏني ته پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ نين شرطن بابت سموري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي. انهن نين شرطن سان غير قانوني اميگريشن کي روڪڻ ۽ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي اسڪريننگ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهي هدايتون هن ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽس جي اجلاس دوران جاري ڪيون ويون. اجلاس ۾ وزير مملڪت طلال چوڌري، سيڪريٽري داخلا خرم آغا، ڊي جي ايف آءِ اي رفعت مختار راجا، ۽ ڊي جي پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قاضي به شرڪت ڪئي. طلال چوڌري چيو ته هن فيصلي سان عالمي برادري کي غير قانوني تارڪين وطن خلاف ڪارروائي بابت پاڪستان جي عزم جو مثبت پيغام ملندو. محسن نقوي چيو ته جيڪي ماڻهو ملڪ بدر ڪيا ويا آهن، انهن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جي هدايت تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي. هن مشين ريڊايبل پاسپورٽ ڇاپڻ ۽ اي پاسپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ لڳايل نئين مشينن جو جائزو به ورتو. وفاقي وزير انهن جرمن ماهرن سان به ملاقات ڪئي، جيڪي مشينون لڳائڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهن. محسن نقوي چيو ته انهن نين مشينن سان پاسپورٽ آفيس جي ڇپائي جي صلاحيت وڌندي ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو عمل تيز ٿيندو. ڊي جي پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قاضي وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهرين جي سهولت لاءِ جلد هڪ موبائل ايپ پڻ لانچ ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو