مانجهند (ن س)ڄامشورو ضلع ۾ ڏوهاري قانون کان ڏاڍا انڊس هاء وي تي مانجهند جي ٽرانسپورٽر جي مزدا مان ٻيهر 3 لک ماليت جو سامان ڦر ٿي ويا، تفصيل موجب حيدرآباد کان مانجهند سن سامان کڻي ويندڙ ميمڻ گڊز ٽرانسپورٽ ڪمپني جي مزدا مان انڊس هاء وي تي اڻڄاتل هنڌ نامعلوم چور 3 لک ماليت جو سامان لاهي فرار ٿي ويا ٽرانسپورٽر يونس ميمڻ ٻڌايو ت ڄامشورو کان مانجهند ايندي سامان چوري ٿيو آھي جڏھن ت 2 مهينا اڳ ڄامشورو مان مزدا چاليه لک سامان سميٿ ڦر ڪئي وئي هئي جنهن ۾ مزدا کي ڪوٽڙي جي ويران جڳه تي ڇڏيو ويو هو جڏھن ت ڄامشورو پوليس کين خاموش سان سامان واپس جو ڏٽو ڏئي وقت ڪڍي وئي کين شڪ آھ ت ساڳئا ڏوهاري وارداتون ڪري رهيا آھن










