ڪنڌڪوٽ (ن س) بڊاڻي لڳ گودي بنگلي وٽ ڌاڙيلن هٿان ساجن سولنگي قتل، هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش مذاهمت دوران ڌاڙيلن هٿان نوجوان قتل، حاجي ساجن عرف شاھ ڏنو سولنگي پنهنجي ڳوٺ عبدالطيف سولنگي لڳ گودي بنگلو کان بڊاڻي وڃي رهيو هو ته هٿياربندن ڌاڙيلن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مذاهمت دوران ڏوهيارين موٽرسائيڪل سوار شاھ ڏنو سولنگي کي گوليون هڻي ٿڏي تي قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، سولنگي برادري جو انڊس هاء وي تي لاش رکي ڌرڻو۔










