ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ڌاڙيلن جي سرينڊر پاليسي ۽ سندن لاءِ سهولتن جي پيڪيج ۽ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ، خصوصي ٻارن جي اداري جو انتظام سنڀالڻ سميت 35 نقاطي ايجنڊا تي اهم فيصلا ڪيا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل آفيسر ن شرڪت ڪئي.
ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي پاليسي:
سنڌ ڪابيناڪڻڪ جاري ڪرڻ جي پاليسي 2025-26 جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پاليسي هيٺ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪابينا چيو ته ننڍن آبادگارن جي مفادن جي تحفظ کان پوءِ ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. قيمتن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي، 1.265 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فلور ملن ۽ چڪين کي جاري ڪئي ويندي. ڪڻڪ في 100 ڪلو ٻوري 9500 رپيا جي اگهه تي فراهم ڪئي ويندي. ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي پاليسي جو مقصد اٽي جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ ۽ صارفين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.
فضائي آلودگي ۽ صحت لاءِ فيصلا:
ڪابينا ٽائر پائرولائسس پلانٽن جي آپريشن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪاروباري فرمن کي هڪ مهيني اندر پنهنجو ڪاروبار بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پابندي جو فيصلو سنڌ انوائرومينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (SEPA) جي سفارش تي ڪيو ويو. پائرولائسس سرگرمين سبب ڪراچي جي فضا زهر آلود ۽ صحت لاءِ خطرناڪ ٿي رهي آهي.ڪابينا “سنڌ انوائرومينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (غير معياري تيل / ٽائرز جي استعمال جي روڪٿام) رولز 2025” جي به منظوري ڏني. هي قدم غير معياري تيل ۽ ٽائر آئل جي پيداوار ۽ وڪري جي روڪٿام لاءِ اهم ثابت ٿيندو.
ڌاڙيلن جي سرينڊر پاليسي ۽ پيڪيج جي منظوري
سنڌ ڪابينا سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ امن جي بحالي، رياستي رٽ قائم ڪرڻ ۽ ڪچي جي علائقن ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ ڌاڙيلن جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪامياب سيڪيورٽي آپريشنن ۽ مقامي برادرين سان ڳالهين کان پوءِ ڪيترن ئي ڌاڙيلن رضاڪارانه طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي آهي. پاليسي هيٺ، هٿيار ڦٽا ڪندڙ ماڻهن لاءِ شفاف ۽ انسان دوست طريقو اختيار ڪيو ويندو. انهن جي خاندانن کي معاشي تحفظ، تعليم، صحت، حفاظت ۽ پيشيورانه تربيت فراهم ڪئي ويندي. حڪومت امن ۽ استحڪام لاءِ ڪچي جي علائقن ۾ اسڪول، اسپتالون، ويٽرنري ۽ ترقياتي منصوبن کي بحال ڪندي. گهرو وزير جي نگراني ۾ ان تي شفاف نموني عمل ٿيندو ۽ عوامي بيداري مهم به هلائي ويندي.
آءِ بي اي سکر ملازمن بابت:
سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران وزير بلديات سيد ناصر شاهه آءِ بي اي سکر جي ملازمن جو مسئلو اٿاريو. وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه آءِ بي اي سکر جي ملازمن جا مسئلا جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
ايل بي او ڊي جي ملازمن جي مستقلي
ڪابينا، واپڊا کان سنڌ جي حصي ۾ آيل 78 ملازم جيڪي غير مستقل هئا، تن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور خاص ان ڏس ۾ حڪم ڏنو هو جنهن تي عملڪ ڪيو ويو.
آغوش اسڪول جي انتظاميا
سنڌ ڪابينا اسٽيل ملز جي انتظام هيٺ گلشن حديد ۾ خصوصي ٻارن جي اداري آغوش کي گڏيل رضامندي سان 10 سالن لاءِ سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو. 252 ٻارن ۽ 52 ملازمن واري هن اداري کي هلائڻ لاءِ سنڌ حڪومت 5 ڪروڙ 34 لک جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني. ڪابينا مختلف ادارن جي بورڊز جي نئين سر تشڪيل ۽ ڊائريڪٽرز جي نامزدگين جي به منظوري ڏني.










