ڊيلرز ۽ شگر مل مالڪن ۾ تڪرار جاري، کنڊ جي فراهمي معطل

ڊيلرز ۽ شگر مل مالڪن ۾ تڪرار جاري، کنڊ جي فراهمي معطل

لاهور(ويب ڊيسڪ) ڊيلرز ۽ شگر مل مالڪن جي وچ ۾ کنڊ جي خريداري ۽ وڪري تي تڪرار حل نه ٿي سگهيو.شوگر ڊيلرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ سهيل ملڪ جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته کنڊ ڊيلرز کي اڄ به 165 رپين ۾ کنڊ نه ملي سگهي، تنهن ڪري مارڪيٽ ۾ کنڊ جي فراهمي اڄ به معطل رهندي.سهيل ملڪ چيو ته شگر مل مالڪن وزارت سان صلاح مشوري سان کنڊ برآمد ڪرائي، شگر مل مالڪن اربين رپيا منافعو کائي ويا، هاڻي جڏهن کنڊ جو بحران آيو ته صرف ڊيلرز کي ذميوار قرار ڏنو ويو.هن چيو ته هن وقت کنڊ ڊيلرز لڪي ويا آهن، شگر مل مالڪ بحران تي سڌو سنئون موقف ڏيڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.شوگر ملز جي ذريعن موجب، کنڊ جي اسٽاڪ جي ڪا به کوٽ ناهي، حڪومت اسان جي موقف کي ڄاڻي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو