ڊي ايڇ اي پاران سولر لڳائڻ لاءِ پيشگي اجازت لازم قرار

ڊي ايڇ اي پاران سولر لڳائڻ لاءِ پيشگي اجازت لازم قرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ڪراچي ۾ سولر پينلز لڳائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. ڪيترن ئي گهرن کي ڏنڊ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. گذريل 5 کان 7 سالن تائين ڊي ايڇ اي وارا ماڻهن کي سولر لڳائڻ جي ترغيب ڏيندا رهيا پر هاڻي کين پيشگي اجازت وٺڻ ۽ سندن مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽس کا اين او سي وٺڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ڊان اخبار جي هڪ رپورٽ موجب رهائشين جو چون آهي ته ان آڙ ۾ ڏيڍ کان 2 لک روپيا شهرين کي اضافي ڀرڻا پوندا. ڊي ايڇ اي هي قدم اهري وقت م کنيو آهي جڏهن وفاقي ڪابينا سولر لڳائڻ جي ترغيب جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سولر تي لاڳو 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني آهي. ڊي ايڇ اي جو چوڻ آهي ته اهو سڀ ڪجهه شهرين جي تحفظ لاءِ ڪيو پيو وڃي جيئن مقرر معيار مطابق سيفٽي يگوليشن جي پاسداري ڪري سگهجي. تيز هوائن ۾ سولر پليٽون اڏامي روڊ تي ڪرڻ جا واقعا به ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو