ڊفينس مان ڦر ڪندڙ عورت سميت 5 جوابدار گرفتار

ڊفينس مان ڦر ڪندڙ عورت سميت 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پوليس ڊفينس علائقي ۾ ڦرلٽ جي الزام هيٺ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب ڦرلٽ جو واقعو 10 ڊسمبر تي پيش آيو، جنهن ۾ 3 جوابدارن هڪ گهر کي مڪمل طور تي لٽي ڇڏيو هو.
گذري ٿاڻي ۾ داخل ايف آءِ آر موجب، جوابدارن گهر مان سون جو سيٽ، سون جون 4 چوڙيون، 4 منڊيون، هزارين پاڪستاني رپيا ۽ درهم ڦر ڪري کڻي ويا هئا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڦرلٽ جي الزام ۾ 5 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو