اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) تڪراري انگن اکرن واري ملڪ جي پهرين ڊجيٽل ۽ مجموعي طور ستين آدم ڳڻپ جا نتيجا گڏيل مفادن واري ڪائونسل يعني سي سي سي آءِ منظور ڪري ڇڏيا آهن. ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي نئين آدمشماري جي نتيجن موجب نئين سر تڪ بنديون ڪري انهن تي چونڊ ڪرائڻ مان صاف ظاهر آهي ته چونڊون ٽن مهينن بدران 6 مهينن تائين ملتوي ٿي سگهن ٿيون. بيورو آف اسٽيٽسٽڪس ڊجيٽل آدم شماري جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن.












