ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار حيدرآباد مان گرفتار

ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار حيدرآباد مان گرفتار

حيدرآباد: ( ن س ) ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدارن کي حيدرآباد مان گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار اسلم بابا گروپ جي لاءِ ڪم ڪندا آهن.
تفصيل موجب ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن تين تلوار يادگار جي ڀرسان گذريل ڏينهن ٿيل ڪروڙين روپين جي ڦر دوران نوجوان ڊاڪٽر آڪاش جي هاءِ پروفائل قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. پوليس قتل جي واردات ۾ ملوث 2 اهم جوابدارن کي حيدرآباد مان گرفتار ڪري ورتو، واردات کان پوءِ جوابدار ڪراچي مان فرار ٿي ويا هئا جن کي حيدرآباد پوليس هڪ ڪامياب ڪارروائي جي دوران گرفتار ڪري ورتو.
اختيارين ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن جو تعلق بين الصوبائي ڦورن ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز جي بدنام زمانه اسلم بابا گروپ سان آهي ۽ اهي انهي گروپ جي لاءِ ڪم ڪندا هئا، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي گرفتار جوابدار انتهائي پيشه ور ڏوهاري آهن جيڪي ماضي ۾ ڪيترن ئي سنگين ڏوهن جي تحت جيل به ڪاٽي چڪا آهن.
پوليس جي شروعاتي جاچ موجب انهي منظم ڊڪيت گروپ ۾ هڪ ڇوڪري به شامل آهي جيڪا امڪاني طور تي ريڪي ڪرڻ يا ٻين ڏوهاري سرگرمين ۾ جوابدارن جي مدد ڪندي آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو