ڏيپلو (فرمان علي بجير) ڏيپلو جي ڳوٺ ڊاڀوڀيل وٽ تيز رفتار ڊاٽسن گاڏي ڪلٽي ڇھ ماڻھو زخمي، زخمين کي تعلقي اسپتال ڏيپلو ۾ داخل ڪيو ويو. تفصيل موجب مال جي واپارين جي گاڏي ڏيپلو کان ڪلوئي وڃي رھي ھئي ته ٽائراڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي. گاڏي ۾ سوار ڇھ ماڻھوزخمي ٿي پيا. زخمين ۾ عبدالرئوف، گلاب ڀيل، محمدلنڊ، غلام رسول لنڊ، نبي بخش لنڊ ۽ حسين لنڊ شامل آھن.










