’سياسي قيدي آزاد ڪريو، حڪومت ۽ مخالف ڌر معنيٰ خيز ڳالهيون شروع ڪن‘

’سياسي قيدي آزاد ڪريو، حڪومت ۽ مخالف ڌر معنيٰ خيز ڳالهيون شروع ڪن‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته ملڪ مان سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ حڪومت ۽ مخلاف ڌر ۾ معنيٰ خير ڳالهيون شروع ڪرڻ گهرجن ۽ اعتماد سازي جي اپائن طور سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.
اهي تجويزون اسلام آباد ۾ اربع ڏينهن ٿيندڙ نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جي منعقد ڪيل سياسي ڪٺ جي پڄاڻيءَ تي جاري ڪيل هڪ باضابطه بيان ۾ ڏنيون ويون آهن. هن مهم جي اڳواڻي اڳوڻا پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري، اڳوڻو سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ محمود مولوي ڪري رهيا آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته: “اجلاس ۾هن تجويز تي اتفاق ڪيو ويو ته فوري طور تي معنيٰ خيز ڳالهين جو عمل شروع ڪيو وڃي، ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پنهنجن پنهنجن نمائندن تي ٻڌل الڳ الڳ ڪميٽيون جوڙين، جن جي وچ ۾ ڳالهين جو عمل شروع ڪيو وڃي.”
اين ڊي سي تجويز ڏني ته ڳالهين ۾ حڪمران اتحاد جي نمائندگي لاءِ صدر آصف علي زرداري، مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف شامل هجن. پي ٽي آءِ طرفان بيان ۾ چيو ويو ته: “حڪومت جي ڪميٽي جي اعلان کان پوءِ، نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جيل ۾ موجود مخالف ڌر جي سينيئر قيادت سان صلاح مشوري بعد مخالف ڌر جي ڪميٽي لاءِ نالن جو اعلان ڪندي.”
اين ڊي سي تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان (TTAP) کي به خاص دعوت ڏني، پر رپورٽن موجب مخالف ڌر جي اتحاد ان ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو. اين ڊي سي جي اڳواڻن اها به صلاح ڏني ته قومي سطح تي ڳالهين ۽ اعتماد سازي لاءِ فوري طور جامع، واضح ۽ عملي قدم کنيا وڃن.
انهن قدمن ۾ جيلن ۾ بند “سياسي ڪارڪنن” جي فوري آزادي ۽ انهن خلاف داخل ڪيسن جي خاتمي جي تجويز شامل هئي.
شاهده خاقان عباسي ۽ عمران اسماعيل سميت ٻيا اڳواڻ 7 جنوري 2026 تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. اين ڊي سي اها به صلاح ڏني ته سڀني عورت ڪارڪنن کي، جن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد شامل آهن، فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ انهن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
هڪ ٻي تجويز ۾ چيو ويو ته: “سياسي سرگرمين تي لڳايل پابنديون ختم ڪيون وڃن. آئين ۽ قانون جي دائري اندر سياسي سرگرمين جي مڪمل آزادي يقيني بڻائي وڃي.”
اين ڊي سي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن جي مقرري جو به مطالبو ڪيو، اهي عهدا 7 آگسٽ کان خالي پيا آهن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته: “حڪومت ۽ مخالف ڌر کي پاڪستان جي هٿياربند فوجن کي سياست لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي منفي پروپيگنڊا ڪرڻ گهرجي.”
ان سان گڏ چيو ويو ته: “ميڊيا تي لاڳو ڪيل سينسرشپ ختم ڪئي وڃي ۽ اينڪرن تي لڳايل پابنديون هٽايون وڃن.” اجلاس ملڪ ۾ سياسي بيچيني، معاشي مشڪلاتن، سياسي سرگرمين ۽ ميڊيا تي پابندين، ۽ دهشتگردي جي چئلينج تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
بيان موجب، اجلاس ۾حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ بابت اين ڊي سي جي ڪوششن کي ساراهيو ويو ۽ ملڪ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي وڌائڻ ۽ سياسي تڪرار گهٽائڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
اجلاس ۾دهشتگردي خلاف قربانيون ڏيندڙ سڀني سيڪيورٽي فورسز، جن ۾ پاڪستان جون هٿياربند فوجون، پوليس ۽ رينجرز شامل آهن،کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
بيان ۾ چيو ويو ته: “اجلاس ٻيهر واضح ڪيو ته سڄي قوم پاڪستان جي خودمختياري، دفاع ۽ سلامتي، ۽ ادارن جي وقار ۽ احترام لاءِ متحد آهي.” ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جو سربراهه شاهده خاقان عباسي، برطرف ٿيل پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت، جماعت اسلامي جو لياقت بلوچ، اڳوڻو ڪراچي ميئر وسيم اختر، ۽ صحافي محمد مالڪ ۽ ڪاشف عباسي به شامل هئا.
تقريب کي خطاب ڪندي شاهده خاقان عباسي چيو ته: “هي معاملو عمران خان جي آزادي جو ناهي، پر ملڪ جي آزادي جو آهي. جيڪڏهن ملڪ صحيح حالت ۾ هوندو ته عمران خان صاحب جو مسئلو به پاڻمرادو حل ٿي ويندو.”
ياد رهي ته فواد چوڌري، عمران اسماعيل ۽ محمود مولوي جون تازيون سرگرميون نومبر ۾ تڏهن نمايان ٿيون، جڏهن اهي پي ٽي آءِ جي شاهه محمود قريشي سان لاهور جي هڪ اسپتال ۾، جيل مان عارضي آزادي دوران، ملاقات لاءِ ويا هئا. پر رپورٽن موجب اهي ٽيئي خالي هٿين واپس آيا، جڏهن ته قريشي جي وڪيل چيو ته سندن وچ ۾ ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿي.
ڊسمبر ۾ وزيراعظم شهباز شريف مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي. جڏهن ته پي ٽي آءِ اها آڇ رد ڪري ڇڏي هئي، TTAP شرطن سان اهڙي عمل ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي.
وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجن وڏن سياسي رانديگرن جن ۾ صدر زرداري، وزيراعظم شهباز، نواز شريف ۽ عمران خان شامل آهن، وچ ۾ اعتماد سازي جا اپاءَ مجموعي سياسي صورتحال کي بهتر بڻائيندا.
ڪالهه، عمران خان جي ڳالهين کان انڪار جو ذڪر ڪندي، راڻا ثناءُ الله چيو ته هو پاڻ کي مجبور محسوس ڪري ٿو ته پي ٽي آءِ باني کي صلاح ڏئي ته هو سالن پراڻو تڪراري رويو ڇڏي ڳالهين جو رستو اختيار ڪري.
TTAP جي مٿين قيادت جو لاهور جو دورو
الڳ طور، TTAP جي ترجمان حسين يوسفزئي جي بيان موجب، مخالف ڌر جي “اسٽريٽ موبلائيزيشن” جي حصي طور TTAP جو وفد ٽن ڏينهن جي دوري لاءِ لاهور روانو ٿي ويو آهي.
وفد ۾ TTAP سربراهه محمود خان اچڪزئي، سينيئر وائيس چيئرمين علامه راجا ناصر، وائيس چيئرمين مصطفىٰ نواز کوکر ۽ سيڪريٽري جنرل اسد قيصر شامل آهن. بيان ۾ چيو ويو ته TTAP جا اڳواڻ لاهور ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندا، ۽ سياستدان زمان پارڪ ۾ به ملاقاتون ڪندا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو عمران خان جي رهائش ڏانهن اشارو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو