ڀارت سان ڇڪتاڻ جاري، پاڪستان 4 ايئرپورٽس بند ڪري ڇڏيا

ڀارت سان ڇڪتاڻ جاري، پاڪستان 4 ايئرپورٽس بند ڪري ڇڏيا

اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر) عالمي سفارتي ڪوششن جي باوجود پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ عروج تي آهي. پاڪستان حڪومت خميس جي صبح “آپريشنل سببن” جي بنياد تي اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۽ سيالڪوٽ جي ايئرپورٽن تي فلائيٽ آپريشن شام 7 وڳي تائين عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ان جي تصديق ڪئي آهي. جڏهن ته سمنڊ ۾ مڇي مارڻ لاءِ مهاڻن کي وڃڻ کان روڪيو ويو آهي، وڏا سامونڊي جهاز ايندا ويندا رهندا. اهو قدم اُن ڏينهن کنيو ويو، جڏهن هندستان پاڪستان ۽ پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير تي هوائي حملا ڪيا، جيڪو ڀارت موجب گذريل مهيني پهلگام ۾ ٿيل حملي جو ردعمل هو، جنهن ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا هئا. اربع تي رپورٽون هيون ته پاڪستان ڪيترائي ايئرپورٽ بند ڪري ڇڏيا هئا هوائي حملن کانپوءِ، پر ملڪ جي ايئرپورٽ ريگيوليٽر بعد ۾ چيو ته پاڪستان جون فضائي حدون کليل ۽ “شهري هوابازي جي سرگرمين لاءِ محفوظ” آهن. ٻئي پاسي هندستاني حڪومت دهليءَ ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جو اجلاس سڏي ورتو آهي، جتي مخالف ڌر جي مکيه اڳواڻن کي “آپريشن سِندور” جي حوالي سان بريفنگ ڏني پئي وڃي. اربع جي صبح سوير، هندستان دعويٰ ڪئي هئي ته هن پاڪستان ۽ پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ نَو هنڌن تي حملا ڪيا آهن پر پاڪستان 6 هنڌن تي حملن جي تصديق ڪئي. دهليءَ چيو ته انهن حملن سان پاڪستان ۾ “دهشتگردي جي ڍانچي” کي تباهه ڪيو ويو آهي. پاڪستان چيو ته مسجدن کي نشانو بڻائي سويلينز کي شهيد ڪيو ويو، جنهن جو بدلو وٺنداسين. جنهن بعد اربع ۽ خميس جي وچ واري رات، صورت، امر تسر، شمله ۽ ٻين هندستاني شهرن ۾ بليڪ آئوٽ ڪيو ويو هو. پاڪستان چيو آهي ته صرف ڇهن هنڌن تي حملا ٿيا ۽ دهليءَ جي هن دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هو دهشتگردن کي پناهه ڏئي ٿو. پاڪستان اهو به چيو آهي ته هو بدلو وٺندو. جڏهن کان هي خبر پهرين ڏينهن سامهون آئي ته ڀارت توڙي پاڪستان ۾ مخالف ڌر جي جماعتن پنهنجي پنهنجي ملڪن جي حڪومتن ۽ فوج جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ڇڪتاڻ سبب ڀارت اربع کان ڌرمشالا ايئرپورٽ سميت 20 کان وڌيڪ ايئرپورٽ 10 مئي تائين بند ڪري ڇڏيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو