ڇڇورو چوڻ تي شرجيل ۽ حليم ۾ گار گند، جهيڙو

ڇڇورو چوڻ تي شرجيل ۽ حليم ۾ گار گند، جهيڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آئي ميمبرن جو هل هنگامو، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن ۾ جهيڙو، الرون، هڪٻئي کي گٿا لفظ ڳالهايا ويا. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي ٺهراءُ لاءِ وقت نه ڏيڻ تي مخالف ڌر جي ميمبرن پاران احتجاج ڪيو ويو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ان طريقي سان مان اوهان کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندس. اسيمبلي جا رولز آهن انهن موجب هلو. حليم عادل شيخ ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته مان توهان جي اجازت سان ڳالهائڻ جو پابند ناهيان. ڊپٽي اسپيڪر کيس چيو ته منهنجي اجازت کانسواءِ توهان نه ٿا ڳالهائي سگهو، توهان روڊ تي نه پر اسيمبلي ۾ آهيو. ان دوران پ پ ميمبر اٿي بيٺا. شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه چيو ته حليم عادل ڊپٽي اسپيڪر کان معافي وٺي، ان تي ايوان ۾ گوڙ  ٿي ويو. شرجيل ميمڻ چيو ته اسپيڪر سان ڳالهائڻ جي تميز ناهي هي اسيمبلي ۾ بيٺا آهن يا روڊ تي ڌرڻي ۾ بيٺا آهن. اهو طريقو نه هلندو. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته اسپيڪر صاحبا اوهان چيو ته مونکي ڇا ڳالهائڻو آهي، اهو ٻڌائڻ جو مان پابند ناهيان. حليم عادل وڌيڪ چيو ته ڇڇورن جي ڪري اسيمبلي جا اهي ئي حالات رهندا. ڇڇورو چوڻ تي شرجيل انعام چڙي پيو ۽ جهيڙو شروع ٿي ويو. شرجيل ۽ حليم عادل شيخ هڪٻئي تي الرون ڪيون ۽ گٿا لفظ پڻ ڳالهايا. جهيڙي سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو