اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)چين جي ڪاروباري گروپ هيڪسنگ اليڪٽريڪل گروپ حڪومت کي آگاهه ڪيو آهي ته هو قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ نئين صنعت قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. چيئرمين ليانگ زانگ زو هڪ وفد جي اڳواڻي ۾ ڇنڇر ڏينهن نجڪاري واري صوبائي وزير عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تجويز ڪيل سيڙپڪاري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ چيو ته اها پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين صنعت هوندي جنهن ۾ انورٽر ۽ بيٽريون تيار ڪيون وينديون. مسٽر زو ٻڌايو ته سندس گروپ 90 ملڪن ۾ موجود آهي جنهن ۾ 7000 کان وڌيڪ ملازم موجود آهن ۽ هن 20 رياستن ۾ ڪارخانا قائم ڪيا آهن ۽ ساڳئي نموني پاڪستان ۾ به آفيس ٺاهڻ چاهي ٿو. وفاقي وزير سندن سيڙپڪاري کي ويلڪم ڪندي هر قسم جي سهولت هڪ ڇت هيٺ مهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي منفرد ڪارخاني جي قيام جو اعلان ته ڪيو ويو آهي پر سيرپڪاري جو حجم، ٽائيم لائين ۽ پيداواري صلاحيت جا تفصيل فراهم نه ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته پاڪستان ۾ بجلي جي بحران سبب نجي توڙي سرڪاري ادارا سولر تي تيزي سان منتقل ٿي رهيا آهن ۽ هن وقت اربين دالر جي ماليت جا انورٽر ۽ سولر ٽيڪنالوجي سان لاڳاپيل سامان چين مان امپورٽ ڪيو ويندو آهي.










