چين پاران ڌرتي جي مدار ۾ سيٽلائيٽ ريفيولنگ جو مشن مڪمل

چين پاران ڌرتي جي مدار ۾ سيٽلائيٽ ريفيولنگ جو مشن مڪمل

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڪمپني COMSPOC ۽ سوئس اداري s2a systems، جون کان جولاءِ جي شروعات تائين ٻن چيني سيٽلائيٽس، شيجيان-21 ۽ شيجيان-25 جي ويجهي حرڪتن جي مانيٽرنگ دوران ريفيولنگ جي رڪارڊنگ ڪئي آهي. چين ڌرتي يعني زمين جي مدار ۾ ريفيولنگ جو مشن سرانجام ڏيڻ بعد اهڙي صلاحيت وارو دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. انٽريسٽنگ انجنيئرنگ نالي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل خبر ۾ سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڪيو آهي ته ٻه چيني سيٽلائيٽس جيو اسٽيشنري (Geostationary) مدار ۾ پاڻ ۾ ڳنڍجڻ لڳا، ۽ انهن مان هڪ ٻئي کي تيل فراهم ڪيو ويو. هي اهڙو شاندار ڪارنامو آهي، جيڪو اڃا تائين ڪنهن ٻئي قوم يا ملڪ انجام نه ڏنو آهي. حالانڪه چين جي خلائي اداري طرفان هن مشن جي ڪاميابي جي سرڪاري تصديق نه ڪئي وئي آهي، پر آمريڪي خلائي مشاهدو ڪندڙ ڪمپني ٻنهي سيٽلائيٽن کي گڏ ٿيندي ڏٺو. مداري آپريشنز ۽ انسان بردار خلائي پروازن لاءِ ٻيهر تيل ڀرڻ واري ٽيڪنالاجي اهم ترقي سمجهي وڃي ٿي، ڇو ته انسان بردار راڪيٽ مدار تائين پهچڻ لاءِ گهڻو تيل استعمال ڪن ٿا، ۽ ان کان اڳتي وڃڻ لاءِ اهڙن پيچيده آپريشنن جي ضرورت پوندي. 2 جولاءِ کان 6 جولاءِ تائين، چين جي شيجيان-21 ۽ شيجيان-25 سيٽلائيٽس “بصري سينسر ڊيٽا ۾ ظاهري طور ڳنڍيل نظر آيا”، اهڙو بيان آمريڪي خلائي صورتحال جي ڄاڻ ڏيندڙ ڪمپني COMSPOC پنهنجي سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي آهي. جون ۽ جولاءِ دوران، COMSPOC ٻنهي سيٽلائيٽن کي جيو سنڪرونس مدار ۾ ڪيترائي ڀيرا هڪٻئي جي ويجهو اچڻ جي عمل کي نوٽ ڪيو. پهريون ڀيرو ٻنهي سيٽلائيٽ جي ويجهو اچڻ جو عمل 13 جون تي پيش آيو، جڏهن شيجيان-25 ۽ شيجيان-21 هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تائين اچي ويا. اتي اهي لڳ ڀڳ 90 منٽ رهيون. ان دوران، آمريڪا جا ٻه نگراني ڪندڙ سيٽلائيٽ USA 270 ۽ USA 271، چيني سيٽلائيٽن جي ٻنهي پاسن تي موجود هئا. 30 جون تي، سوئزرلينڊ جي خلائي نگراني فرم s2a systems جي آپٽيڪل ٽريڪنگ تصويرن موجب، ٻنهي چيني سيٽلائيٽن ٻيهر ويجهو اچڻ جو آپريشن مڪمل ڪيو. تڏهن انهن جو مدار زمين جي خط استوا کان 35,786 ڪلوميٽر (22,236 ميل) مٿاهين تي هو. 2 جولاءِ تي s2a systems ٻڌايو ته: ”گذريل ڏينهن ٻنهي شين جي وچ ۾ گهٽ پر مقرر فاصلو هو، پر اڄ اهي ايترا ويجها ٿي ويا آهن جو اسان جا اوزار انهن کي جدا نٿا ڪري سگهن.“
مداري تيل ڀرڻ جي اهميت
شيجيان-25 جنوري 2025 ۾ خلا ۾ ويو هو، جڏهن ته شيجيان-21 2021 کان مدار ۾ موجود آهي. شنگھائي اسپيس فلائٽ ٽيڪنالاجي اڪيڊمي شيجيان-25 کي خاص طور تي مداري تيل ڀرڻ جون صلاحيتون آزمائڻ لاءِ ۽ سيٽلائيٽ جي زندگي وڌائڻ لاءِ تيار ڪيو هو. ياد رهي ته آمريڪا اها سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا ڪم ڪري رهيو آهي پر چين هن کان گوءِ کڻي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو