چين جو ڪمال، خلا ۾ سولر انرجي پلانٽ لڳائڻ جو اعلان

چين جو ڪمال، خلا ۾ سولر انرجي پلانٽ لڳائڻ جو اعلان

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين خلا ۾ دنيا جو پهريون سولر پاور پلانٽ ٺاهڻ جي منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي منصوبي تحت چين 2028ع تائين خلا مان شمسي توانائي واپس ڌرتيءَ تي موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ چاهي ٿو. هڪ رپورٽ موجب چين مان هڪ سيٽلائيٽ کي آزمائش جي طور تي ڌرتيءَ جي مدار ۾ موڪليو ويندو، جتي اهو سج جي روشني جذب ڪندو ۽ شمسي توانائي کي بيم ذريعي زمين جي ڪجهه هنڌن تي واپس موڪليند ان توانائي کي پهريان مائڪرو ويوز يا ليزر ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ پوءِ ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو.ماهرن کي اميد آهي ته خلا ۾ پيدا ٿيندڙ شمسي توانائي وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿيندي ڇو ته اتي موجود سولر پينل وڌيڪ تيز سج جي روشني حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي ٽيڪنالاجي وڏي پيماني تي دستياب ٿي وئي ته اها دنيا جي مختلف ملڪن کي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندي ۽ موسمياتي تبديلي جا مقصد حاصل ڪري سگهندا. چين 2060 تائين پنهنجي ملڪ کي ڪاربن کان پاڪ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي خلا ۾ شمسي توانائي حاصل ڪرڻ جي منصوبن تي مختلف ملڪن پاران غور ڪيو پيو وڃي، پر هينئر تائين اهو ئي خيال آهي، جيتوڻيڪ چين ان تي عملدرآمد تيز ڪري رهيو آهي. چين پاران آزمائشي بنيادن تي موڪليل سيٽلائيٽ 10 ڪلو واٽ بجلي پيدا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو